چالان (Challan)

چالان (Challan): اهڙو سرڪاري خط، جيڪو پوليس پاران نئين گرفتار ڪيل ملزم سان گڏ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، ان کي چالان چون ٿا. هيءُ هڪ قسم جو قانوني اصطلاح آهي. ڪو ماڻهو قانون کان مٿانهون ٿي ڪنهن به قسم جو جرم يا اهڙو ڏوهه ڪندو آهي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارا کيس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا بعد رپورٽ ٺاهي عدالت ڏانهن موڪليندا آهن، ان رپورٽ کي چالان چئبو آهي. ان کانپوءِ عدالت شاهدين جي بنياد تي ڏوهاريءَ کي سزا ڏيڻ يا آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي آهي. پوليس آئين جي شق نمبر 161 جي ضابطي هيٺ فوجداري ۽ چالان مڪمل ڪري عدالت کي موڪليندي آهي.
- ان کانسواءِ مختلف سرڪاري ادارن جون واجبات ۽ فيس جي مَد ۾ بئنڪ طرفان مقرر ننڍڙي فارم تي ڀريل رقم کي به چالان سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو